خوش خصلت خاتون

خوش خصلت خاتون (ڪتاب): عورتن جي تعليم جي واڌاري ۽ اهميت جي موضوع تي لکيل هيءُ مضمونن جو مجموعو سنڌيءَ جي نامور ليکڪا بادام ناتوان جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ عورتاڻي تعليم جي واڌاري متعلق اهميت جوڳو مواد شامل آهي. ڪتاب ۾ ’حميده جي ڪهاڻي‘، ’هيڻي عورت جي صلاح ڏاڍي مرد کي‘، ’والدين ۽ اولاد جون ذميواريون‘، ’بهار ۽ خزان‘، ’حسن ۽ عشق‘، ’عمل ۽ عبادت‘، ’پرهيزگاري‘، ’نيڪ سيرت عورت ۽ نا اهل مرد‘، ’مفلسي ۽ مرتبو‘ عنوانن سان مضمون شامل آهن. ڪتاب جو پيش لفظ سيد ميران محمد شاهه لکيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾، ٻيو ڇاپو 1966ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1990ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ 132 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 20 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو